ميهڙ ۾ ڏوهن تي ضابطو نه آيو، اڻڄاتل هٿياربند هٿان ڪارخاني مالڪ کان لکين رپين جي ڦر

ميهڙ ۽ ڀرپاسي ڏوهن تي ضابطو نه آيو، اڻڄاتل هٿياربند ڪارخاني مالڪ کان لکين رپيا ۽ موبائل فون ڦري ويا.

بي سيڪشن ٿاڻي جي حد گرلس هاءِ اسڪول ڀرسان اڻڄاتل هٿياربند ڪارخاني مالڪ فدا حسين چنا کي يرغمال بڻائي لکين رپيا ۽ موبائل فون ڦري ويا.

ان حوالي سان متاثر ميڊيا کي ٻڌايو ته هو ميهڙ بئنڪ مان 18 لک رپيا ڪڍرائي ڳوٺ ڪوٺي کوکر کڻي وڃي رهيو هو ته کيس موٽرسائيڪل سوار اڻڄاتل هٿياربندن يرغمال بڻائي سموري رقم ۽ موبائل فون کسي فرار ٿي ويا.

هن ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڏوهارين خلاف ڪارروائي رقم واپس ڪرائي وڃي.

ٻئي پاسي اطلاع تي پوليس واردات واري هنڌ پهچي جائزو ورتو ۽ ماڻهن جون شاهديون گڏ ڪيون، جڏهن ته معاملي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.