حيدرآباد: ڪرپشن جي الزام هيٺ گرفتار اڳوڻو ڊي سي رمانڊ تي پوليس حوالي

حيدرآباد جي عدالت ڪرپشن جي الزام هيٺ گرفتار اڳوڻي ڊي سي مٽياري کي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

گذريل رات اينٽي ڪرپشن ٽيم هٿان گرفتار اڳوڻي ڊي سي مٽياري عدنان رشيد کي حيدرآباد ۾ ڪرپشن جي خاتمي واري خاص عدالت آڏو پيش ڪيو ويو.

اينٽي ڪرپشن ٽيم عدالت کي درخواست ڪئي ته ڊي سي مٽياري کي جاچ لاءِ رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو وڃي.

عدالت اهڙي درخواست تي اڳوڻي ڊي سي مٽياري عدنان رشيد کي 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.