گهڙي وڪري ۽ خريدڻ ۾ فرق سوال اٿاري ڇڏيا، معاملو وڌيڪ شڪي ٿي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عمران خان گهڙي پنج ڪروڙ ڏهه لک رپين ۾ کپائڻ جي دعويٰ ڪئي. ٻاويهه جنوري ٻه هزار اڻويهه واري ڏينهن جنهن ڏينهن گهڙي کپائي وئي ان ڏينهن ٻه ڪروڙ رپين روڪ توشا خانا ۾ ادا ڪيا ويا.

اهڙي عمل تي سوال پيدا ٿيو آهي ته اڳ ۾ گهڙي وڪرو ڪئي ۽ پوءِ ادائگيون ڪيون يا وري توشا خانا ۾ ٻه ڪروڙ ادائگيون ڏيکارڻ لاءِ گهڙي جي وڪري جي نقلي رسيد ٺهرائي وئي.

جيڪڏهن ائين ٿيو آهي ته آخر اهي ٻه ڪروڙ روڪ ڪنهن ادا ڪيا؟ سوال اٿڻ کانپوءِ معاملو اڃا به شڪي ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.