حڪاومت تي پيٽرول اگهه وڌائڻ لاءِ داٻاءُ وڌڻ لڳو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي سرڪار پيٽروليم شين جا اگهه برقرار رکيا، جنهن تي مٿن داٻاءُ وڌڻ لڳو آهي.

وفاقي سرڪار کي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين پاران احتجاجي خط لکيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پيٽروليم شين جا اگهه زبردستي گھٽ رکڻ سان انڊسٽري تي ٻوجهه وڌي رهي آهي.

آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جي ايڊوائزري ڪائونسل اي سي او سي جي پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت زبردستي پيٽرول اگهه برقرار رکيا، منظور ٿيل فارمولي تحت اگھن ۾ واڌ ٿيڻ گھرجي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته پيٽروليم ليوي جي ٻوجهه کي نظر انداز ڪري اگهه گھٽ رکيا ويا، حڪومت پيٽرول 3 ريپا 21 پئسا ليٽر مارجن گھٽ ڪرايو، هاءِ اسپيڊ ڊيز تي 2 رپيا 21 پئسا مارجن گھٽ ڪيو ويو.

متن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪرنسي جو نقصان ٽي رپيا ۽ ڊيزل تي ٻه رپيا يارنهن پئسا ايڊجسٽ ڪيو، 31 آڪٽوبر تي اي سي سي پيٽرول ڊيز تي مارجن ۾ واڌ جي منظوري ڏني جيڪا اڃا تائين لاڳو ناهي ٿي.

خط ۾ اهو به لکيو ويو آهي ته اي سي پيٽرول ڊيزل تي مارجن وڌائي ڇهه رپيا في ليٽر ڪيو، پيٽرول ڊيزل مارجن ۾ ٻه رپيا 32 پئسا في ليٽر جي منظور ٿي ، آگسٽ کان هن وقت تائين 7 ارب 55 ڪروڙ نقصان ٿي چڪو آهي، آئل انڊسٽري پهريان ئي بحرانن کي منهن ڏئي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.