ڪراچي يونيورسٽي ۾ آپگهاتي حملو ڪيس: ڇهه جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙي عدالت ڪراچي يونيورسٽي ۾ چيني استادن تي آپگهاتي حملي ڪيس ۾ فرار ڇهه جوابدارن جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

ڪراچي يونيورسٽي ۾ چيني استادن تي آپگهاتي حملي ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٿي، ڪيس ۾ آپگهاتي حملو ڪندڙ شاري بلوچ جي مڙس هيبتان بلوچ سميت ڇهه جوابدار فرار آهن. ٻين فرار ٿيل جوابدارن ۾ بشير زيب، رحمان گل، خليل عرف واجا، پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل اي جو ترجمان سفير شامل آهن. ڪيس ۾ هڪ جوابدار داد بخش گرفتار آهي.

داد بخش کي چار جولائي تي ٻه هزار ٻاويهه ۾ مڇي چوڪ هاڪس بي تان گرفتار ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.