اسلام آباد ۾ چيتن جي موجودگي جا اطلاع، ماڻهو گهرن تائين محدود

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد جي هڪ ڳوٺ سيد پور ۾ چار کان پنج چيتا ڏسڻ جا اطلاع مليا آهن.

سيد پور ۾ شهرين کي گهرن ۾ رهڻ لاءِ مسجدن ۾ اعلان ڪيا ويا.

اسلام آباد پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پوليس جي نفري سيدپور ڳوٺ ۾ مقرر ڪئي وئي آهي، وائلڊ لائيف کاتي کي به اهڙا اطلاع ڏنا ويا آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته سيدپور جي رهواسين کان پرسڪون رهڻ جي گذارش ڪجي ٿي، وائلڊ لائيف کاتي جي اهلڪارن سان ملي علائقي کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪنداسين.

پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ ون فائيو تي ڪال ڪري اطلاع ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.