پي آءِ جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ٻاويهه هزار کان مٿي مفت ٽڪيٽون ڏنيون ويون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ٽن سالن ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ٻاويهه هزار ڇهه سئو مفت ٽڪيٽون ڏنيون ويون.

گذريل ٽن سالن ۾ قومي ايئرلائين جي آمدني ٽي سئو اٺاويهه ارب ستهٺ ڪروڙ ۽ آپريشنل خرچ هڪ سئو اٺيتالاهه ارب چاليهه ڪروڙ رپيا رهيا. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ هوابازي واري وزير خواجا سعد رفيق پي آءِ اي جي ڪمائي ۽ خرچن بابت تفصيل پيش ڪيا.

اجلاس دوران هوا بازي واري وزير خواجا سعد رفيق پنهنجي لکت واري جواب جي تصحيح ڪندي ٻڌايو ته پي آءِ اي جي ٻيڙي ۾ ٽيويهه جهاز آپريشنل آهن. هلندڙ سال جي آخر تائين پي آءِ اي فليٽ ٽيويهه کان وڌي اڻتيهه تائين پهچي ويندو. پي آءِ اي جا چار بوئنگ 777 غير فعال ۽ ٻه بوئنگ 777 آپريشنل ٿي ويندا. ٻه بوئنگ 777 پنهنجو مدو پورو ڪري چڪا آهن. انهن تي خرچ ڪرڻ پيسي جو ذيان هوندو.

سعد رفيق چيو ته سياسي بنيادن تي فيصلن ادارن کي تباهه ڪيو، ميرٽ جي بنا ادارن ۾ ڀرتين ادارن کي تباهه ڪيو آهي، ادارن کي ڏسندي اسانکي پنهنجو پاڻ ڏانهن به ڏسڻو پوندو.

لکت واري جواب موجب ٽن سالن ۾ پي آءِ اي آفيسرن کي اڻويهه هزار پنج سئو ملڪ اندر مفت سفر جو سهولتون مليون، جڏهن ته ٽي هزار آفيسرن کي ٻاهرين ملڪن ڏانهن مفت سفر ڪرڻ جون سهولتون مليون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.