سنڌ ۾ کنڊ جو بحران ڪر کڻڻ لڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ماڻهو کنڊ جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃن، ملڪ ۾ کنڊ جو بحران ڪر کڻي رهيو آهي.

کنڊ جي صنعت وٽ رڳو ٻن مهينن جو اسٽاڪ آهي، شوگر ملن حڪومت کان واڌو کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت گهري ورتي آهي.

شگر ملز مالڪن چيو آهي ته شوگر ملون ان وقت تائين ڪم نه ٿيون ڪري سگهن جيستائين اضافي کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وڃي، حڪومت 10 لک ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏئي.

10 لک ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ سان هڪ ارب ڊالرن جو پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيندو

ملز مالڪن موجب وٽن ٻه آپشن آهن 1.ڪرشنگ سيزن ۾ دير، 2. حڪومت کنڊ جي برآمد جي اجازت ڏئي.

شگر ملز ايسوسيئيشن سڀاڻي پريس ڪانفرنس ڪندي پنهنجي فيصلي جو اعلان ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.