ڪراچي ۾ جي ڊي اي جو اجلاس، اهم فيصلا ڪيا ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) سنڌ جي ٻين سياسي پارٽين سان رابطو ڪري کين جي ڊي اي ۾ شموليت جي دعوت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن سڄي سنڌ ۾ جي ڊي اي کي يوسي ۽ وارڊ سطح ۽ ضلعي ۽ تعلقي سطح تي فعال ڪري، تنظيم سازي کان پوءِ ضلعي جا دورا پڻ ڪيا وڃن.

اهڙن خيالن جو اظهار فنڪشنل ليگ هائوس ڪلفٽن ۾ ٿيل جي ڊي اي جي هنگامي اجلاس ۾ ڪيو ويو.

اجلاس جي صدارت اڳوڻي وفاقي وزير ۽ جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ سيد صدرالدين شاهه راشدي ڪئي.

اجلاس ۾ جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي، سيڪريٽري اطلاعات سردار عبدالرحيم، جي ڊي اي ۾ شامل پارٽين جي ميمبرن ۽ جي ڊي اي جي ضلعي ڪنوينر عبدالرزاق راهمون، سيد جلال شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ جي ڊي اي جي تنظيم سازي جي حوالي سان تنظيمي معاملن کي حتمي شڪل ڏني وئي.

اڳوڻي وفاقي وزير سيد صدرالدين شاهه راشدي چيو ته جي ڊي اي قيادت سڄي سنڌ جي ضلعن جو دورو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، 2018ع جي چونڊن جا نتيجا سڀني جي سامهون آهن، عوام بدحالي جو شڪار آهي، ماڻهو جي ڊي اي طرف ڏسي رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.