عمران خان 50 سيڪڙو ادائيگي جو قانون ٽوڙي 20 سيڪڙو ادائيگي ۾ تحفا خريد ڪيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عمران خان توشا خانا تحفا 20 سيڪڙو ادائيگي وارو قانون مٽايو، پنجاهه سيڪڙو ادائيگي جو قانون بڻائي ورتو ۽ قانون مٽائڻ تي وڏو ڪريڊٽ حاصل ڪيو پر پاڻ ئي قانون ٽوڙي به وڌو.

هن سعودي ولي عهد جا تحفا ويهه سيڪڙو ادائيگي ڪري خريد ڪيا جڏهن پنجاهه سيڪڙو ادائيگي جو قانون بڻجي چڪو هو.

تحريڪ انصاف جي حڪومت 18 ڊسمبر 2018 تي توشا خانا رولز تبديل ڪيا ۽ تحفن جي مجموعي ناڻي جي ويهه سيڪڙو برابر رقم جي جڳهه تي پنجاهه سيڪڙو ادائيگي کي لازم قرار ڏنو هو.

جڏهن ته 35 ڏينهن کانپوءِ 22 جنوري 2019 تي سعودي ولي عهد جا تحفا ويهه سيڪڙو جي ادائيگي ڪري خريد ڪيا، پوءِ قانون تبديل ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪيو.

عمران خان گهڙي پنج ڪروڙ 10 لک رپيا وڪڻڻ جي دعويٰ ڪئي، 22 جنوري 2019 تي وڪرو ڪئي ان ئي ڏينهن ٻه ڪروڙ رپيا نقد توشا خانا ۾ ادا ڪيو.

سوال اهو ٿو جنم وٺي ته گهڙي وڪرو ڪئي ۽ پوءِ ادائيگي ڪئي يا وري توشا خانا ۾ ٻه ڪروڙ جي ادائيگي ڏيکارڻ لاءِ وڪرو ٿيل گهڙي جي ڪوڙي رسيد ٺاهي.

جيئن ايئن آهي ته آخر 2 ڪروڙ رپيا نقد ڪنهن ادا ڪيو؟ سوال اٿي پيا، معاملو وڌيڪ شڪي بڻجي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.