سنڌ حڪومت آبادگارن کي وڏو ريليف ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ حڪومت آبادگارن کي ريليف فراهم ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل ڪاميٽي جو اهم اجلاس طلب ڪري ورتوجنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي سمورن هارين کي ڪڻڪ جو ٻج خريد ڪرڻ لاءِ معاوضو فراهم ڪيو ويندو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت، مڪاني کاتن وارو وزير ناصر حسين شاهه، زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ، سمورن ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ سنڌ حڪومت پاران سمورن ڊي سيز کي ايندڙ ڏينهن تائين تپي سطح تي ڪاميٽي جوڙڻ ۽ ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ڊي سيز کي هدايت ڪندي چيو ته رڳو آبادگارن کي ئي سبسڊي جي رقم فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته تپي سطح جي ڪاميٽي ڳوٺن مان آبادگارن جي ڊيٽا گڏ ڪندي، جنهن کي فيسليٽيشن سينٽر جي مدد سان موبائيل ايپ ۾ محفوظ ڪيو ويندو.

ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت چيو ته آبادگارن جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ لاءِ يونين ڪونسل ۽ تپي سطح تي ڪاميٽيون ڪم ڪنديون جنهن بعد سمورن آبادگارن کي ڪڻڪ جو ٻج خريد ڪرڻ لاءِ معاوضو ادا ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.