گرينڊ هيلٿ الائنس ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير سيد ناصر شاهه سان ڳالهين بعد گرينڊ هيلٿ الائنس سنڌ ۾ اسپتالن جي او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

صوبائي وزير ناصر شاهه، هيلٿ سيڪريٽري ذوالفقار شاهه ۽ صحت بابت پارلياماني سيڪريٽري قاسم سومرو ڪراچي پريس ڪلب پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون.

صوبائي وزير ناصر شاهه هيلٿ رسڪ الائونس کي ڇڏي باقي سمورا مطالبا مڃڻ جي خاطري ڪرائي.

ڊاڪٽر محبوب نوناري پاران احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.

گرينڊ هيلٿ الائنس جي اڳواڻن محبوب نوناري، بشريٰ آرائين ۽ ٻين چيو آهي ته في الحال ٻن ڏينهن لاءِ اسپتالن جي او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ختم ڪري رهيا آهيون، ٽوڪن هڙتال جاري رهندي.

صوبائي وزير ناصر شاهه مظاهرين سان ڳالهائيندي چيو ته توهان احتجاج ختم ڪريو، رسڪ الائونس کي ڇڏي باقي توهان جا جائز مسئلا هڪ ٻن ڏينهن ۾ حل ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.