واچ کپائڻ واري مسئلي ۾ ڦاٿل عمران خان لاءِ وري نئون مسئلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)سپريم ڪورٽ چيئرمين پاڪستان تحريڪ انصاف عمران خان خلاف توهين عدالت جو ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجر بينچ سڀاڻي ٻڌڻي ڪندي.

جسٽس اعجاز الحسن ۽ جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي بينچ ۾ شامل آهن، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي به لارجر بينچ جو حصو هوندا.

سپريم ڪورٽ ڪيس ۾ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

انکان اڳ وفاقي گهرو وزير عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ وڌيڪ شاهديون جمع ڪرايون هيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.