سنڌو درياهه تي 250 ڌاڙيلن جي موجودگي جو انڪشاف، پوليس بي وس بڻيل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيئرمين احمد حسين جي صدارت هيٺ قومي اسمبلي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي گهرو کاتي جي اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي پنجاب صديق احسن گهرو ڪاميٽي ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته سنڌو درياهه جي ننڍن ٻيٽن تي اٽڪل 19 ڏوهي گروپ آهن جنهن ۾ 250 ماڻهو شامل آهن، 40 لک رپيا هنيا ويا آهن ڪيترائي آپريشن ڪيا ويا آهن تڏهن به ڪو حل ناهي نڪتو.

چيئرمين نيڪٽا راءِ طاهر چيو آهي ته آرمي ۽ رينجرز کي گهرائي به ڏسي چڪا آهيون فوجي جوان جنگ جيان وڙهندا آهن جنهن کان وڌيڪ خطرو آهي.

ميمبر ڪاميٽي آغا رفيع الله چيو آهي ته عورتن جي آواز ۾ شهرين کي هرکائي اغوا ڪيو ويندو آهي.

چيئرمين ڪاميٽي تجويزون ورتيون ته ايڊيشنل آءِ جي پنجاب چيو ته انهن علائقن کي اسپيشل علائقا قرار ڏنو وڃي، سمورن ٿاڻن کي بڪتر گاڏيون ڏنيون وڃن، بلوچ ڇوڪرن کي ڀرٿي ڪيو وڃي ۽ ڀرتين جي ضابطن ۾ نرمي آندي وڃي.

چيئرمين ڪاميٽي ڪوڙن ڪيسن تي بحث ڪندي چيو ته ڪوڙي ايف آءِ آر تي سالن جا سال عدالتن ۾ ڪيس هلندا آهن، چاهيون ٿا ڪوڙا ڪيس ڪندڙن تي به ايف آءِ آر ٿئي.

چيئرمين ڪاميٽي چيو ته پاڪستان ۾ 90 سيڪڙو ڪم غيرقانوني ٿيندا آهن.

ڪاميٽي سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي آءِ جيز کي ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪري ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.