ڀوتارن جي ٻِلي به ٻه مَڻي، ڀلي پار جي زيارتن ۾ انڌير، سوين حج مفت ڪرائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي پي اَي سي جي اجلاس ۾ ان ڳالهه جو انڪشاف ٿيو آهي ته مختلف وزيرن ۽ سيڪريٽرين طرفان هر سال ڇهه سئو پنجاهه کان مٿي ذاتي نوڪرن ۽ صلاحڪارن کي به مفت حج تي موڪليندا آهن.

چيئرمين پي اي سي نور عالم ان حوالي سان اجلاس ۾ چيو ته نوڪرن ۽ صلاحڪارن کي ايڏي وڏي انگ ۾ ڪيئن سعودي عرب موڪلي سگهجي ٿو؟

اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبر ٻڌايو ته وزير، سيڪريٽري ۽ ٻيا آفيسر هر سال پنهنجن ماڻهن کي مفت حج تي موڪليندا آهن.

پي اي سي چيئرمين چيو ته وزيرن ۽ سيڪريٽرين ڪيترن ماڻهن کي مفت حج تي موڪليو ان جي رپورٽ ڏني وڃي.

چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي نور عالم خان چيو ته منهنجو واعدو آهي ته حڪومت خرچن تي حج ڪرائڻ ختم ڪيو ويندو. قرضن ۾ ٻڏل ملڪ ۾ اهڙيون سهولتون عوام تي ٻوجهه آهن، اهي وري ٽيڪس واري پيسن تي حج ڪندا آهن.

نور عالم خان چيو ته اهڙو ڪو مفت حج ناهي ٿيندو نه ئي ڪرڻ ڏينداسين، جيڪڏهن ڪنهن به وزير، سيڪريٽري يا ايم اين اي جو ڪٽنب مفت حج تي ويو ته پئسا وٺي ملڪي ناڻي ۾ جمع ڪرايا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.