وڏي وزير مراد علي شاهه جي نااهلي واري درخواست تي ٻڌڻي، ايڊووڪيٽ جنرل کان جواب طلب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ جي وڏي وزير جي نااهلي جي درخواست بحال ڪرڻ تي ٻڌڻي ۾ ايڊووڪيٽ جنرل کان جواب طلب ڪري ورتو.

تفصيل موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ جي وڏي وزير جي نااهلي واري درخواست تي ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي نوٽيس جاري ڪندي آءِ جي سنڌ کان ٽن هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو.

درخواستگذار عدالت ۾ موقف پيش ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ منهنجي غير حاضري سبب سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه جي نااهلي جي درخواست رد ڪئي هئي.

درخواستگذار محمود اختر نقوي موقف اختيار ڪيو ته مون کي فالج جو اٽيڪ ٿيو هو ۽ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهيان. بيماريءَ سبب پيش نه ٿي سگهيس.

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته عدالت کي درخواست آهي ته مراد علي شاهه جي نااهلي بابت درخواست بحال ڪئي وڃي.

درخواستگذار طرفان بيماري بابت دستاويز به عدالت ۾ جمع ڪرايا ويا.

درخواستگذار محمود اختر نقوي ٻٽي شهريت جي بنياد تي سيد مراد علي شاهه جي نااهلي جي درخواست داخل ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.