پيپلزپارٽي سينيٽ جي خالي سيٽ تي وقار مهدي کي ٽڪيٽ ڏئي ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي مصطفيٰ کوکر جي ڇڏيل سينيٽ واري سيٽ تي وقار مهدي کي ٽڪيٽ ڏئي ڇڏي آهي.

پيپلزپارٽي ترجمان چيو آهي ته وقار مهدي پيپلزپارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي.

سنڌ مان سينيٽ جي سيٽ مصطفيٰ کوکر جي استعيفيٰ کانپوءِ خالي ٿي آهي.

ترجمان اليڪشن ڪميشن موجب مصطفيٰ نواز کوکر جي خالي سيٽ تي پولينگ اٺ ڊسمبر ڏهاڙي سنڌ اسيمبلي ۾ ٿيندي. اميدوار ارڙهن کان ٻاويهه ڊسمبر تائين پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهندا جڏهن ته پنجويهه نومبر تي ڪاغذن جي اسڪروٽني ڪئي ويندي.ڪاغذن خلاف اپيلون اٺاويهه نومبر تائين داخل ڪيون وينديون. جڏهن ته اميدوار ٽي ڊسمبر تائين اليڪشن مان هٿ کڻي سگهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.