مختيارڪار جو قتل: جوابدار جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت سرجاڻي ٽائون ۾ مختيارڪار جي قتل ۾ گرفتار جوابدارن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

سرجاڻي ٽائون ۾ ناجائز حددخليون خلاف آپريشن جي دوران جوابدار تي فائرنگ ڪري مختيارڪار اعجاز چانڊيو کي قتل ڪري ڇڏيو هو.

عدالت جوابدار امان ۽ بخت شير کي 24 نومبر تي جسماني منظور ڪيو آهي جڏهن ته جاچ آفيسر جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي فائرنگ سان مختيار ڪار اعجاز چانڊيو فوت ٿي ويو.

هنن چيو ته غيرقانوني اڏاوتن جي کاتي جا ٽي ملازم زخمي ٿيا جڏهن ته ڪيس ۾ 35 کان 40 جوابدار فرار آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.