ڄاڻو بي رونق چهري ۽ خراب وارن جو سولو حل

ماهرن ٻڌايو آهي ته بصر ۽ سنڍ جي رس کي هڪ ٻئي ۾ ملائي استعمال ڪرڻ سان ڇرڪائيندڙ فائدا ٿيندا. ڇاڪاڻ ته انهن ۾ موجود عنصر چمڙي ۽ وارن جي صحت لاءِ ڪارائتا آهن.

بصرن ۽ سنڍ جو رس تيار ڪرڻ جو سولو طريقو اهو آهي ته هڪ وچولي سائز جو بصر وٺي ڪاٽيو وڃي اهڙي طرح وچولي سائز جي سنڍ کي به ٽڪرا ڪري ۽ ڇلي بلينڊر ۾ وجهي ڇڏيو. ان کانپوءِ ان کي ڇاڻيو پر اهو خيال رکو ته ان کي ڇاڻڻ وقت گهڻو دٻاءُ ناهي وجهڻو نه ته بصر جا اڇا ٽڪرا به رس ۾ شامل ٿي ويندا.

بصر ۽ سنڍ جو رس اينٽي آڪسيٽنٽ هوندو آهي جيڪو جسم جي اندر زهريلي مادن کي نيڪال ڪري ميٽابولزم جي عمل کي تيز ڪندو آهي جنهن سبب جسم جي صحت بهتر ٿيندي آهي.

ان سان گڏ ان ۾ وٽامن اي ۽ هڪ خاص قسم جي پروٽين گلوٽا ٿيون به موجود هوندي آهي جنهن سان اکين کي به طاقت ملندي آهي ۽ ماڻهو انڌو ٿيڻ کان بچي سگهي ٿو.

عام طور تي عورتن کي ماهواري سبب يا ڳورهاري ٿيڻ سان رت جي کوٽ ٿيندي آهي ان کانسواءِ کير پياڪ ٻارن کي کير ڏيڻ سان به صحت جا مسئلا ٿيندا آهن ۽ رت جي کوٽ ٿي ويندي آهي جنهن لاءِ ميڊيڪل سائنس موجب ڊاڪٽر رت چاڙهڻ جي صلاح ڏيندا آهن.

بصر ۽ سنڍ جي رس جو استعمال هيڊي رنگ ۽ بي رونق چهري کي تروتازا ڪري ڇڏيندو آهي ۽ انسان جو رنگ گلابي ۽ چمڪندڙ ٿي ويندوآهي.

انهن ٻنهي جي رس کي ملائي پيئڻ سان رت جي طاقت ۽ صحت سٺي ٿيندي آهي جيڪا رت جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ ضروري آهي.

مٿي جا وار خوبصورتي وڌائڻ لاءِ اهم آهن پر مختلف مسئلن سبب خشڪ، بي رونق ۽ ڪمزور ٿي ويندا آهن.

ماهرن موجب مٿي جا وارن ۾ خشڪي، جون، وارن جون پڇڙيون يا گنج پن جي صورت جهڙن مسئلن لاءِ بصر ۽ سنڍ جي رس کي ملائي مٿي تي مالش ڪرڻ سان انهن سمورن مسئلن مان جند آجي ٿي ويندي ۽ وار صحتمند ٿي پوندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.