سنڌي ڊرامن ۽ فلمن جي مشهور اداڪار شفيع محمد شاهه جي پندرهين ورسي

پاڪستان ٽي وي ۽ فلم انڊسٽري جي سنجيدا ۽ رعب دار ڪردارن لاءِ مشهور اداڪار شفيع محمد کي اڄ وڇڙي 15 ورهيه وهامي ويا.

1949 “ سنڌ جي شهر ڪنڊيارو ۾ جنم وٺندڙ شفيع محمد شاهه عالمي لاڳاپن جي مضمون ۾ ايم اي کانسواءِ قانون ۾ تعليم پرائي.

شفيع محمد حيدرآباد ريڊيو کان سٺ جي ڏهاڪي ۾ آواز ذريعي فني سفر جي شروعات ڪئي.

شفيع محمد ٽي وي اسڪرين تي ڪيريئر جي شروعات پروڊيوسر خليل جي ڊرامي اڙتا آسمان سان ڪيو جنهن بعد هن پٺتي نه ڏٺو. هڪ کان پوءِ ٻيو شاندار پروجيڪٽ ڪري مداحن جا دل موهي ورتا.

گهٽ وقت ۾ پنهنجي بهترين اداڪاريءَ سان ٽي وي تي سپر اسٽار بڻجي اڀريو. شفيع محمد کي شهرت ڊرامن ديوارين، جنگل، آنچ، ماروي، چاند گرهن ۽ تيسرا ڪنارا مان ملي.

فلمي ڪيريئر ۾ شفيع محمد فلم ايسا بهي هوتا هي، تلاش، الزام، مسڪراهٽ، روبي ۾ ڪم ڪيو.

شهزاد رفيق جي دلم سلاخين سندس فني ڪيريئر جي آخري فلم ثابت ٿي.

30 ورهين جي فني سفر جي دوران شفيع محمد شاهه سو کان وڌيڪ اردو ۽ سنڌي ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. شفيع محمد جي صلاحتين جي اعتراف ۾ کيس 1991 ۾ صدارتي ايوارڊ به ڏنو ويو. جگر جي بيماري ۾ مبتلا شفيع محمد تي 19 نومبر 2007 تي گهر ۾ ٿيندڙ هڪ تقريب ۾ شديد دورو پيو جيڪو هن لاءِ موت جو ڪارڻ بڻجو.

شفيع محمد جي لاڏاڻي کان 2 سالن بعد کيس ستارا امتياز به ڏنو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.