گهوٽڪي ۾ خطرناڪ هٿياربندن جو بڪتربند گاڏي تي گشت؟

گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) گهوٽڪي ۾ راونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس طرفان آپريشن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو گردش ڪري رهي آهي جنهن ۾ خطرناڪ هٿيارن سان ليس ماڻهو هڪ بڪتربند گاڏي تي علائقي جو گشت ڪندي نظر اچي رهيا آهن.

ڪچي واري علائقي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ڌاڙيلن ڊي ايس پي، ٻن ايس ايڇ اوز سميت پنجن اهلڪارن کي شهيد ڪيو هو.

ايس ايڇ او موجب راونتي جي ڪچي ۾ پوليس آپريشن لاءِ مورچا ٺاهيا ويا آهن جڏهن ته 300 پوليس اهلڪار ۽ 7 بڪتربند گاڏيون پهچايون ويون آهن.

ٻئي پاسي وائرل وڊيو ۾ ڌاڙيلن وٽ هٿيارن ۾ اينٽي ايئر ڪرافٽ، راڪيٽ لانچر ۽ گولا گن به شامل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.