پاڪستان ۾ به ماحول دوست فيشن متعارف

پريشي عدنان پنهنجي پيءُ امير عدنان جي پراڻن ڪپڙن سان نئين ڪليڪشن ان-گيز کي ڊيزائن ڪيو آهي.

 پریشے اپنے والدین امیر اور ہما عدنان کے ہمراہ

پاڪستان جي مشهور ڊيزائنر امير عدنان ۽ هما عدنان جي نياڻي پريشي عدنان پنهنجي پهرين ونٽر ڪليڪشن متعارف ڪرائي آهي.

 پاکستانی کی فیمیل ریپ سنگر ایوا بی

پريشي پنهنجي ڪليڪشن کي ان-گيز جو نالو ڏنو آهي، جنهن ۾ ڊيزائنر ان ڳالهه جو احتياط ڪيو آهي ته تيار ٿيندڙ ڪليڪشن ماحول دوست هجي. ان کي فيشن جي نئين لفظ ۾ سسٽين ايبل فيشن يا ايڪو فيشن ڪوٺيو ويندو آهي.

  پاکستانی بلاگر امتل انجم

پنهنجي نئين ڪليڪشن تيار ڪرڻ لاءِ پريشي پنهنجي پيءُ امير عدنان جي تيار ٿيل ڪپڙن مان بچيل ٽڪرا استعمال ڪيا.

 ۔

ان ڪليڪشن جو مرڪزي خيال عورتن کي خودمختيار بڻائڻ هو. جنهن ۾ 25 ڪپڙا سامهون آندا ويا.

 ۔

پريشي جي ان ڪليڪشن شو ڪيس ۾ عورتن ماڊلز اعتماد ۽ طاقت جي اظهار لاءِ تلوار به کئني هئي.

 ۔

 ۔

 ۔

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.