بلدياتي چونڊن بابت درخواستن تي فيصلو سڀاڻي ٻڌايو ويندو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)بلدياتي چونڊن بابت درخواستن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سڀاڻي فيصلو ٻڌائيندي، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ چوڏهن نومبر تي فيصلو محفوظ ڪيو هو.

پاڪستان تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ درخواستون ڪيون آهن.

تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي عدالت کي اپيل ڪئي آهي ته بلدياتي چونڊون جلد ڪرايون وڃن.

جڏهن ته ايم ڪيو ايم چونڊن کان اڳ قانونسازي، تڪ بندي ۽ ووٽر لسٽن جي درستگي جي اپيل ڪئي هئي.

واضح رهي ته ڪراچي ۾ مينهن ۽ ٻوڏ جي ڪري چونڊون بابت درخواستون آگسٽ ٻه هزار ٻاويهه کان وٺي ٻڌڻي هيٺ آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.