عمران خان تي حملي جو جوابدار چوڏهن ڏينهن کانپوءِ عدالت ۾ پيش

لاهور(ويب ڊيسڪ)وزيرآباد ۾ لانگ مارچ دوران پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي ڪيس ۾ نويد نالي جوابدار جو يارنهن ڏينهن جو رمانڊ منظور ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب جوابدار کي گجرانوالا جي دهشتگردي ٽوڙي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو.

جوابدار کي واقعي جي چوڏهن ڏينهن کانپوءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ جي لاءِ قائم جي آءِ ٽي جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو آهي.

پوليس ذريعن ٻڌايو ته جسماني رمانڊ دوران جوابدار کان وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.