جٿي وڻي ڌرڻو هڻڻ حق ناهي، جلسا ڪيو پر عوام جا به حق آهن: اسلام آباد آهاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته اهو ڪنهن جو به حق ناهي ته اهو چئي ته موٽروي تي ڌرڻو ڏيندو ۽ اتي وڃي بيهي رهي، جڏهن ته جيڪو جلسا ڪرڻ چاهي ان جو حق آهي پر عام شهرين جا حق به متاثر نه ٿيڻ گهرجن.

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ ڌرڻي جي ڪري رستن جي امڪاني بند ٿيڻ خلاف مقامي واپارين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ عدالت واپارين جي درخواست کي پي ٽي آءِ ڌرڻي ۽ جلسي جي اين او سي حاصل ڪرڻ واري درخواست سان گڏائي ڇڏيو.

ٻڌڻي جي سلسلي ۾ ايڊووڪيٽ جنرل بيرسٽري جهانگير جدون ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال دوگل عدالت ۾ پيش ٿيا.

واپارين جي وڪيل چيو ته ڪنٽينرن کي رستن ۾ رکيو ويو آهي، جنهن سان ڏکيايون پيش اچي رهيون آهن، جڏهن ته ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد موقف اختيار ڪيو ته ڌرڻي ۽ جلسي جي اين او سي لاءِ پي ٽي آءِ جي درخواست به ٻڌڻي هيٺ آهي، هن درخواست کي به ان سان گڏ ٻڌو وڃي.

درخواست ڪندڙن جي وڪيل چيو ته هائي ويز ۽ موٽرويز تي ٽريفڪ هلائڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا وڃن، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هاءِ ويز ۽ موٽرويز کي بند ڪري ڇڏيندئو ته واپار به متاثر ٿيندو، اهو ڪنهن جو به حق ناهي ته اهو چئي ڇڏي ته موٽروي تي ڌرڻو هڻندو ۽ اتي وڃي بيهي رهي، شوڪت عزيز صديقي ڌرڻي ڪيس ۾ فيصلو ڏنو هو ته سڀ جلسا پريڊ گرائونڊ ۾ ٿيندا.

چيف جسٽس چيو ته اسلام آباد ۾ پرڏيهي به آهن، ڊپلوميٽڪ موومينٽ به متاثر ٿئي ٿي، جيڪي جلسو ڪرڻ چاهين ٿا  انهن جا حق آهن پر عام شهرين جا حق به متاثر نه ٿيڻ گهرجن.

جسٽس عمر فاروق ريمارڪس ڏنا ته هاءِ ويز ۽ موٽرويز تي ڪنٽرول فيڊريشن جو آهي، اها ڳالهه واضح آهي ته فيڊريشن ان حوالي سان ڊاريڪشن ڏئي سگهي ٿي.

انکانپوءِ عدالت ڌرڻي ۽ رستن جي بند ٿيڻ خلاف واپارين جي درخواست تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.