عمران خان پاڻ مٿان وڌيڪ حملن جا خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان چيو آهي ته خدشو آهي ته مٿس اڃا به وڌيڪ حملا ڪرايا ويندا.

فرانسيسي نيوز چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته منهنجي سِر کي اڃا به خطرا آهن، اهو ماڻهو ٻيهر مونکي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿا، بدقسمتي سان مونکي لڳي ٿو ته اهي اهڙي ڪوشش ٻيهر به ڪندا. اهي مونکي ان لاءِ ختم ڪرڻ چاهين پيا ته منهنجي پارٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي آهي ۽ مونکي وڏي پيماني تي عوامي حمايت حاصل آهي.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مونکي رستي تان هٽائڻ جو واحد طريقو مونکي ختم ڪرڻ آهي انڪري خطرا اڃا به آهن جڏهن ته اهڙي سازشن جو مون ڇهه هفتي اڳ ئي جلسي ۾ ٻڌايو هو ته هڪ مذهبي جنوني هٿان قتل ڪرائڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي. آزاد جاچ ٿي ته سڀ خبر پئجي ويندي ته سڄو ڪجهه منصوبابندي تحت ڪيو ويو.

عمران خان چيو ته اسان تي ٻن حملو ڪندڙن حملو ڪيو، چيف جسٽس کي کي گذارش ڪئي آهي ته معاملي جي آزاد جاچ ڪرائي وڃي ڇو ته آزاد جاچ ۾ ئي ثابت ٿيندو ته اهڙي عمل سان فائدو حڪومت کي ٿئي ها.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.