پروفيسر خالد حسين چنا جي نئين ڪتاب” سگا اڀياس“ تي ھڪ نظر

مشتاق علي لنڊ

محقق ، ليکڪ ، دانشور  ، تعليمي ماھر  ۽ سماجي رھنما ،محترم پروفيسر خالد حسين چنا جو لکيل ڪتاب” سگا اڀياس“ ، سگا جي ترويج ، تاريخ ۽ ملڪي سياسي ۽ حڪومتي اٿل پٿل جي پس منظر جي ڄاڻ ۽ معلومات تي ٻڌل ھڪ اھم ۽ تاريخي دستاويز آھي . جيڪو مرڪ پبلڪيسنوٽان شايع ڪرايو ويو آهي.

سگا جي سڀني سماجي سرگرمين جي پوتاميل سان گڏ ، ملڪي انتظامي لاھن  چاڙھن جي واقفيت ۽ معلومات سان گڏ ، سگا تي پوندڙ اثرن  ۽ سگا جي ساٿين جي حڪمت عملي جو به ذڪر آھي . اھا تاريخي پس منظر سماجي اڳواڻن ۽ ساڃاه وندن لاءِ  ھڪ سمجھاڻي ، تربيت ۽ آئينده لاءِ  حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ  به ھڪ موثر مواد سان ، بھترين وسيلو ۽ ذريعو آھي .

ھن ڪتاب کي پڙھڻ کانپوءِ ھڪ مفڪر جو ھي قول دل کي ڇھي رھيو آھي ته ،” اصل ڏاھپ ۽ دانشمندي ان ڳالھه ۾ نه آھي ته تجربي کانپوءِ سکيو وڃي، پر اصل ڏاھپ ۽ دانشمندي ان ڳالهھ ۾ آھي ته وقت کان ۽ تاريخ کان سکي وٺجي . ! سگا اڀياس“ ۾  ايندڙ وقت لاءِ  سکڻ ۽ حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ   به جامع مواد ۽ معلومات آھي .  ”سگا اڀياس“ سماجي سرگرمين توڙي سماجي رھنمائن ۽ ساڃاهه وندن لاءِ  ڏاھپ سان ڀريل ھڪ انمول خزانو ۽ ھڪ ناياب  دستاويز ۽ ھڪ تاريخي ڪتاب آھي .

پروفيسر خالد حسين چنا جو ھي ڇھون ڪتاب آھي . پروفيسر خالد حسين چنا ” سگا اڀياس “ ۾ 1972ع کان 2022 ع تائين سگا جي سماجي خدمتن کي سھيڙي ھڪ سونھري تاريخ رقم ڪئي آھي . پروفيسر خالد حسين چنا ” سگا اڀياس “ ۾ سماجي خدمتن ڪمن ۽ انساني خدمت جي اھميت کي به اجاگر ڪيو آھي . سماجي سرگرمين ۽ انساني خدمت کي ” عبادت “ جيان بيان ڪري ، سماجي سرگرمين ۽ انساني خدمت ۾ وڌيڪ اڳڀرائي آڻڻ جي به ڪامياب ڪوشش ڪئي آھي .

پروفيسرخالد حسين چنا” سگا اڀياس “ ڪتاب ۾ سگا جي سڀني رخن کي تعميري انداز ۽ سھڻن رنگن سان نروار ڪيو آھي . پروفيسر خالد حسين چنا جو ھي علمي ، قلمي ، پورھيو ۽ محنت بيحد شانائتو ۽ مانائتو آھي . پروفيسر خالد حسين چنا جو ھي ڪتاب ” سگا اڀياس “ سنڌ  ۽ سگا سان عشق جو مظھر آھي . ھن ڪتاب ۾ دل لڀائيندڙ لفظ ۽ من موھيندڙ جملا آھن ، جنھن جي پڙھڻ دؤران دل نه چاھيندي آھي ته پڙھڻ يا ڪتاب کي اڌ ۾ ڇڏجي . ڪتاب ” سگا اڀياس“ ۾ بھترين پني جو استعمال ٿيل آھي . 192 صفحن تي ٻڌل ھن ڪتاب جي قيمت 500 روپيا آھي .

پروفيسر خالد حسين چنا جي ھن تحقيقي ۽ تاريخي ڪتاب تي ” مرڪ پبليڪيشن جي پبلشر نوٽ ۾ مرتضيٰ لغاري صاحب جن سھڻن خيالن ۽ سٽن ۾ لکندي ڪتاب جي سڀني رخن جي تعريف ڪئي آھي .

حقيقت ۾ سگا ۽ سنڌ جا ساڃاهه وند مرڪ پبليڪيشن جي سھڪار جي ھميشه ساراهه ڪندا رھن ٿا .

جو مھاڳ ، سنڌ جي مشھور شاعر ، تعليمي ماھر ، سماجي اڳواڻ  ۽ استاد پروفيسر بخش علي چانڊيو صاحب جن شاندار ۽ من موھيندڙ انداز سان تحرير ڪيو آھي . ڪتاب ” سگا اڀياس “  تي سنڌ جي عظيم مفڪر ، دانشور ، اديب ، ۽ قلمڪار سيد زوار نقوي صاحب جن به  پنھنجن روشن ۽ خوبصورت خيالن کي سھڻن سٽن ۾ ،

عنوان:  دو پل ڪي جيون سي  اڪ عمر چراني ھي “سان پروفيسر خالد حسين چنا جي شخصيت ، علم  ، ڏاھپ ، محنتن ، خدمتن ۽ صفتن کي بيان ڪري ليکڪ بابت ملھائتي معلومات سان گڏ ، سگا ۽ ڪتاب بابت دورانديش، روشن خيال  تاثر تحرير ڪيا آھن .

” سگا اڀياس “ ۾ سگا جي سينيئر ۽ سھڻي سڀاءُ  رکندڙ سائين عبدالرسول سومرو” سچ ٿا مست چون “ ۾ پنھنجا ويچار ونڊيا آھن .

سگا اڀياس ۾ ليکڪ مواد ۽ معلومات کي وقت جي حساب سان تمام سھڻي نموني ترتيب ڏنو آھي .

1 _ سگا جي بنيادي ڏھاڪي جو اڀياس ۔ ۔ھن حصي ۾ سگا جي مختلف نون (9) سماجي سرگرمين بابت تفصيلي معلومات آھي .

2 _ سگا تي پابنديءَ  دؤران ڪارڪردگي جو اڀياس . ھي حصو ستن اسمن يا سرگرمين تي ٻڌل آھي .

3 _ سچل ڪانفرنس کان ، شاھ ۔ سچل ۔ ۽ ۔ سامي ۔بين الاقوامي امن ڪانفرنس تائين . ان وقت جي سرگرمين ۾ مختلف ويھن سماجي سرگرمين  ۽  اھم اسمن جو ذڪر آھي ۔

4 ۔ ھڪ سفر ۔ ٽي سفر ناما ۔ ھن ڀاڱي ۾ ٽن سرگرمين جو ذڪر آھي ۔

5 ۔ سگا جي ويجھڙ وارن 14 سالن جي تاريخ جو اڀياس ۔ھن حصي ۾  17 سترھن مختلف سرگرمين ۽ اسمن جو ذڪر آھي ۔

6 ۔ ڪنوينشن  ۽ ٻيون تنظيمي سرگرميون ۔ ھي ڀاڱو 41 مختلف سرگرمين ۽ اسمن تي مشتمل آھي ۔

7 ۔ بطور سيڪرٽري جنرل ۔ ھن حصي ۾ 27 مختلف اسمن ۽ سرگرمين جو ذڪر آھي ۔

8 ۔ سگا ڪارنر ۔  ھن حصي ۾  مختلف 4 چئن اسمن جو ذڪر آھي ۔

9 ۔ سگا جي ھلندڙ دؤر جو مختصر احوال ۔ ھي حصو 2 اسمن ۽ سرگرمين تي مشتمل آھي .

ھي ڪتاب ” سگا اڀياس“ سگاجي ساٿين لاءِ  ھڪ سرمايو آھي .

سماجي ورڪرس توڙي رھنمائن لاءِ  به  ”سگا اڀياس“  ھڪ انمول تحفوآھي ۔ ليکڪ جو انداز تعميري ۽ فقط خاصيتن تي ٻڌل آھي . ھي ڪتاب ” سگا اڀياس “  سنڌ واسين لاءِ  ھڪ انمول تحفو آھي ۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.