پاڪستان ۾ کاٻي ڌر جي سياست جو الميو

گل محمد منگي

پاڪستان جي پارليامينٽ تي نظر وجھنداسين ته شايد ئي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ کاٻي ڌر جو اسيمبلي ميمبر ڏسڻ ۾ ايندو جڏھن ته ماضي ۾ به اھڙي ئي ساڳي قسم جي صورتحال نظر ايندي۔ ان مان واضع ٿئي ٿو ته موجوده سرمائيداري نظام ۾ جيئن ته ھاڻوڪو سياسي سيٽ اپ سرمائيدارن ۽ جاگيردارن يعني اشرافيه طبقي جي لاءِ  جوڙيو ويو آھي انڪري دولتمند ئي سرمايو سيڙائي اسيمبلين ۾ پھچن ٿا ۽ پوءِ  عوام جي خدمت جي نالي ۾ جيڪا ڪرپشن ڪن ٿا ان ملڪ کي صفا کوکلو ڪري ڇڏيو آھي۔ ھن وقت جيڪا پاريامينٽ موجود آھي ان ۾ جيڪي کاٻي ڌر جا ميمبر موجود آھن انھن ۾ علي وزير، ،حسن داوڙ ۽ ڪو ھڪ اڌ ٻيو ئي ھوندو۔

کاٻي ڌر جون جيڪي سياسي ڌريون يا ڌڙا جيڪي موجوده سرمايه داراڻي سيٽ اپ ۾ ويساهه رکن ٿا ۽ ان ۾ محنت ڪش طبقي جي نجات جو رستو ڳولھي رھيا آھن انھن کي ھاڻي ان ڳالھه تي ضرور غور ڪرڻ گھرجي ته جيڪو نظام جوڙيو ئي اشرافيه طبقي جي بقا لاءِ  آھي ان ۾ محنت ڪش طبقي جي نجات ته ممڪن ڪونھي باقي ٿوڙي گھڻي بھتري ٿي پوي ته اھا به غنيمت چئبي۔ ماضي ۾ مختلف پارٽين مان غريب ۽ ڪجهھ ھيٺين طبقي جا ڪجهھ دوست اسيمبلي جا ميمبر ٿيا به آھن پر ايوانن ۾ پھچي انھن به ھن ئي نظام جي حوض مان ھٿ ڌوئڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نتيجي ۾ موجوده ڪرپٽ نظام جو حصو بڻجي ويا۔

پاڪستان ۾ کاٻي ڌر جي سياست جو الميو دراصل ملڪ ٺھڻ کان ھڪ سال اڳ ئي شروع ٿي چڪو ھو جڏھن اوچتو ئي اوچتو ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا ٻه قومي نظرئي جي حمايت ڪئي ۽ ھندستان مان ڪافي ڪميونسٽ اڳواڻن موجوده پاڪستاني پنجاب ۾ پھچي پاڪستان جي قيام واري جدوجھد کي تيز ڪرڻ لاءِ  جوشيليون تقريرون ڪري اسلامي ڀائيچاري لاءِ  ٺھندڙ وطن عزيز واري جدوجھد کي پايه تڪميل تائين پھچائڻ ۾ پنھنجو حصو وڌو۔ ھنن اڳواڻن جو چوڻ ھو ته جيئن ته گانڌي ڌوتي ۽ نھرو پاجامون پھريندا آھن انڪري اھي رجعت پرست آھن ۽ محمد علي جناح ۽ لياقت علي خان جيئن ته سوٽ پينٽ پھريندا آھن انڪري اھي ترقي پسند آھن۔ مطلب ته ترقي پسندي جو معيار سوٽ پينٽ ٿي ويا۔ خير سان جڏھن پاڪستان ٺھي ويو ته وري اوچتو ئي اوچتو ڪميونسٽ پارٽي پنھنجو رويو تبديل ڪيو ۽ اھو اعلان ڪيو ته "ڌوتي ۽ پاجامي” وارو به ترقي پسند ۽ روشن خيال ٿي سگھي ٿو ۽ سوٽ پينٽ پائڻ وارا به رجعت پرست ٿي سگھن ٿا ان لاءِ  ڪميونسٽ پارٽي عوام کان معافي گھري ٿي۔ ان معافي تلافي جي نتيجي ۾ ظاھر آھي ته ڏڦيڙ پيدا ٿيو ۽ نيٺ پارٽي ٻه ٽڪرا ٿي وئي۔ پاڪستان ۾ به ائين ئي ٿيو ۽ اختلافن جي ڪري پارٽي ٽڪرا۔ٽڪرا ٿيندي وئي ۽ نتيجي ۾ اڄ ساڳيو ۽ ھوبھو ھڪ جھڙو نظريو ھجڻ جي باوجود صرف "ليڊري” جي شوق، "شوبازي” ۽ "پاڻ وڻائڻ” واري وڏ ننڍائي جي زعم ۾ ھرڪو پنھنجي ڌڙي جو سربراهه سڏائڻ ۾ ئي عافيت سمجھي ٿو۔ ھن وقت ملڪ ۾ ليفٽ جون ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون سياسي پارٽيون "انقلاب” آڻڻ ۾ مصروف عمل آھن .

سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ  جيڪا تيزي سان انارڪي ڦھلي ان جي نتيجي ڪافي سنگت اين جي اوز جو رخ ڪيو ۽ اھي اتي مصروف ٿي ويا، ڪي وري مايوس ٿي ڌنڌي ڌاڙي يا وري نوڪرين ۾ لڳي ويا ۽ جيڪي بچيا اھي مون جيان صحافت يا وري لکڻ پڙھڻ واري ڪرت ۾ جنبي ويا جيڪي ويچارا رھجي ويا اھي رلي ويا ۽ صفا مسڪيني حال کي پھچي ويا ۽ ڪي وري صفا مايوس ٿي گھر ويھجي ويا۔ ان قسم جي حالتن ۾ به کاٻي ڌر پنھنجي حال آھر شعور ڦھلائڻ ۾ ڪجهھ نه ڪجهه ڪردار ادا ڪندي رھي آھي۔ يورپ، امريڪا، جاپان ۾ سوويت يونين جي ٽٽڻ جو ڪو وڏو اثر ڪو نه پيو۔

ان صورتحال ۾ فلاحي رياست واري تصور ڪر کنيو ۽ خاص ڪري اسڪيڊينيويا جي خطي جي ملڪن کانسواءِ آئيسلينڊ، ڪوسٽاريڪا  سميت ڪافي ملڪن ان فارمولا تي عمل ڪيو، نتيجي طور عوام مضبوط ۽ رياست ڪمزور ٿيڻ سبب عوام پنھنجي جدوجھد ذريعي مطالبا مڃائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو۔ ھن وقت آئيسلينڊ، پاناما ۽ ڪوسٽاريڪا سميت دنيا جي 36 ملڪن ۾ فوج نه آھي ۽ اھي ملڪ فوج تي ٿيندڙ خرچ عوام جي فلاح بھبود تي ڪري رھيا آھن۔ ان جي ڪري انھن ملڪن جو عوام سپر پاورز جي عوام کان وڌيڪ خوشحال ۽ آسودو آھي۔

دنيا بهتري ۽ انساني برابري ۾ ٻه قدم اڳتي نڪري چڪي آھي جيڪڏھن اڃان سوڌو بھتري نه سوچي رھيا آھيون ۽ سوويت يونين جي زوال تي سوڳ ملھائڻ مان جان نه ڇڏائي سگھيا آھيون ته ان ۾ ڪنھن ٻئي جو ڪو قصور نه آھي۔ دنيا ۾ اڄ به سو کان وڌيڪ علائقن ۾ ڪميون نظام لاڳو آھي ۽ اتي جا رھاڪو آزادي ۽ برابري واري زندگي گذاري رھيا آھن، گڏجي ڪمائيندا ۽ گڏجي کائيندا آھن۔ انھن ۾ سرفھرست بوليويا جو "فجيوي ڪميون” آھي جتي 35 سالن کان ڪو ڏوھ نه ٿيو آھي۔ ميڪسيڪو ۾ زپاٽسٽا ۽ مورلوس ڪميون ھلي رھيا آھن۔ فرانس ۾ لوگومي ڪميون ۽ اسپين جي صوبي ڪيتلونيا جنھن جي گادي جو ھنڌ بارسلونا آھي اتي ڪميون قائم آھي۔ تازو سال 2012 ۾ اتر-اوڀر شام ۾ "روجاوا” ڪميون قائم ٿيو جيڪو ڪامريڊ عبدالله اوغلان وارن قائم ڪيو آھي۔ انھن عورتن کي تربيت ڏئي ويڙھاڪ بڻايو ۽ انھن دائش جي حملن جو مقابلو ڪيو ۽ انھن کي ڀڄايو۔ ترڪي جي ھوائي فوج اڪثر روجاوا تي ھوائي حملا ڪندي رھندي آھي۔

اسان وٽ جيتوڻيڪ کاٻي ڌر جا ٻه اتحاد قائم ٿيا آھن جن ۾ ھڪ "ليفٽ پارٽيز الائنس” ۽ ٻيو "پروگريسو الائنس” آھن پر انھن ٻنھي اتحادن اڃان سوڌو ڪو به ٻوٽو نه ٻاريو آھي، انھن کان بھتر ڪارڪردگي ته "عوامي حقوق” وارن دوستن جي آھي جن مختصر عرصي ۾  نه صرف شھيد نذير عباسي ۽ حسن ناصر جون ورسيون ملھايون پر ان سان گڏوگڏ ڪافي سرگرميون ڪيون آھن۔ عمل جي ميدان ۾ اھو ئي ثابت ٿيو آھي ته جيڪو ماڻھن ۾ ڪم ڪندو اھو ئي سرخرو ٿيندو۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.