ڪچي جا ڏوهاري درياهه پار ڪري اسرار کوسي جون 30 مينهون ڪاهي ويا

ڪشمور (رپورٽ:دليپ ڪيسواڻي)ڪشمور ۾ڏوهارين آڏو پوليس جي رٽ انتھائي ڪمزور ٿي وئي. گذريل رات ڪچي جي ڏوهارين ڪشمور جي شهري آبادي اورانگھي ڳوٺ علي محمد کوسو ۾ اڳوڻي ٽائون ڪاميٽي چيئرمين اسرار کوسو جي واڙي ۾ گھڙي 4 چوڪيدارن کي يرغمال بڻائي 30 مينهون ڪاھي ڪچي طرف فرار ٿي ويا. پوليس پنهنجي روايت برقرار رکندي چورن پويان نه وئي، ڀاڳين پنهنجي مدد پاڻ تحت چورن جو پيڇو ڪندي سنڌو درياهه وٽ چورن سان مھاڏو اٽڪايو پر چورن جي فائرنگ ۾ ڀاڳين جي ڌر مان ھڪ ڄڻو دوست علي ڪوش سخت زخمي ٿي پيو.ٻئي پاسي بدامني خلاف اسرار کوسو، درگاهه عاليه ڀرچونڊي جي پير ميان محمد يوسف، ميان عبدالحسيب، نياز کوسو، منظور کوسو  ۽ ٻين ڪشمور ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو. اسرار کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس جي ان کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي ناقص ڪارڪردگي ٿي سگهي ٿي جو درياهه پار ڪري ڪچي جا ڌاڙيل شھر ڪراس ڪري منهنجي ڳوٺ مان چوپايو مال ڪاهي فرار ٿي ويا، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو نوٽس وٺي وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچائن.هوڏانهن ايس ايڇ او ڪشمور اقتدار جتوئي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته چوپايو مال چوري ڪندڙ سھولتڪارن جي مدد سان پھتا، اسرار احمد کوسو جي نشاندهي تي جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو آهي جلد چوري ٿيل چوپايو مال ريڪور ڪرايو ويندو. ڪشمور ٿاڻي تي 11 سڃاتل جوابدارن ڀوري ڪوش، اربو ڪوش ظھور، اصغر ڪوش، الهرکيو ڪوش، اظھر، منظور، صالح، پپڙو ،دلبر ڪوش ۽ 14 اڻ سڃاتل چورن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.