ڪشمور لڳ ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر ۾عورٽ ۽ ٻارڙي فوت

ڪشمور (ن ع آ)ڪشمور جي ڪچي واري علائقي گيھلپور ٿاڻي جي حد لنڪ روڊ تي ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ عورت ۽ ٻارڙي فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. حادثي سبب عورت وڏي مزاري ۽ 8 مھينن جي صابران مزاري ٿڏي تي دم ڏنو جڏهن ته  شريف مزاري زخمي ٿي پيو.فوتين جا مڙهه ڪشمور اسپتال آندا ويا، جتي ڊاڪٽر موجود نه ھئڻ ڪري 4 ڪلاڪ لاش اسپتال ۾ پيل رهيا. وارثن جي احتجاج کان پوءِ ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.هوڏانهن حادثي بعد ٽريڪٽر ٽرالي ڊرائيور فرار ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.