مسجد نبوي توهين مذهب واري ڪيس ۾ شيخ رشيد بي ڏوهي قرار

راولپنڊي (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنڊي بئنچ شيخ رشيد طرفان توهينِ مذهب وارو ڪيس خارج ڪرڻ جي درخواست اڪلائي ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ ۾ مسجد نبوي صه ۾ پيش آيل افسوس جوڳي واقعي تي شيخ رشيد خلاف ڪيس تي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر شيخ رشيد ۽ سندس ڀائيٽي راشد شفيق کي توهينِ مذهب واري ڪيس ۾ بي ڏوهه قرار ڏنو. جاچ آفيسر جي ڪلين چِٽ کانپوءِ عدالت شيخ رشيد طرفان ڪيس خارج ڪرڻ واري درخواست سميت سندس ڀائيٽي جي درخواست پڻ اڪلائي ڇڏي. عدالت شيخ رشيد ۽ راشد شفيق کي داخل ڪيس بابت ٽرائل ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.