ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن بابت فيصلو 22 نومبر تي ٻڌايو ويندو

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن 22 هين نومبر تي ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن بابت محفوظ فيصلو ٻڌايندي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب 22 هين نومبر تي ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جو محفوظ فيصلو ٻڌايو ويندو. ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن 15 نومبر تي ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو.

عذير بلوچ  خلاف ڪيس،جاچ آفيسر جا گرفتاري وارنٽ جاري

ڪراچي (رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ لياري گينگ وار جي سربراھ عذير بلوچ خلاف ڌماڪيدار مادو ۽ پوليس مقابلي ڪيس جي ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر ۽ شريڪ جوابدار ذاڪر عرف دادا جو وڪيل غير حاضر هجڻ ڪري جوابدارن تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو.عدالت جاچ آفيسر جي غير حاضري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جاچ آفيسر انسپيڪٽر رفيق احمد جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا جڏهن ته لاڳاپيل ايس ايس پي ذريعي جاچ آفيسر کي شوڪاز نوٽيس پڻ جاري ڪيو ويو .عدالت ڪيس جي ٻڌڻي پهرين ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.ڪلاڪوٽ ٿاڻي تي عذير بلوچ ۽ ٻين خلاف 2012ع ۾ ڌماڪيدار مادو، پوليس مقابلي، قتل جي ڪوشش ۽ ڌاڙن جو ڪيس داخل ٿيل آھي .ڪيس ۾ گرفتار جوابدار غفار عرف ماما 2015ع ۾ آزاد ٿيو هو.ڪيس ۾ عذير بلوچ ۽ ٻين جوابدارن کي روپوش قرار ڏنو ويو ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.