ڏوڪري مان لوئر اسٽاف اڳواڻ جو پٽ کنڀي گم، وارثن جو احتجاج

ڏوڪري (ت ر) ڏوڪري ۾ ٿهيم پاڙي ۾ گذريل رات 2 بجي پوليس لوئر اسٽاف ايجوڪيشن تعلقي صدر عبدالغني ٿهيم جي گهر تي چڙهائي ڪئي چڙهائي دوران لوئر اسٽاف جي تعلقي صدر عبدالغني ٿهيم جو پٽ عبدالحفيظ ٿهيم کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو هوڏانهن لوئر اسٽاف جي ملازم وسيم الله، عبدالغني ٿهيم، عمران احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي گرفتار ٿيل جي وارثن عبدالغني ٿهيم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رات 2 بجي ڪراچي پوليس جا اهلڪار سڏرائيندڙ اهلڪارن چڙهائي ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته پوليس کان پڇا ڪئي ته پوليس چيو ته ڪراچي جي پوليس آهيون ۽ منهنجي پٽ کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڏوڪري ٿاڻي تان معلومات ورتي ته ڏوڪري پوليس لاتعلقي جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي ڪا به اهڙي معلومات ناهي نه ئي اسان جي ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ويو آهي. وارثن اپيل ڪئي ته عبدالحفيظ ٿهيم کي ظاهر ڪري آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.