راڻي پور لڳ قومي شاهراهه تي حادثو، ستاوڙي تي ويندڙ ڪنوار سس سميت فوت

راڻي پور(رپورٽ:فياض راڄپر) راڻي پور ٽول پلازا لڳ ٽرالر موٽرسائيڪل مٿان ڇڙهي ويو، ستاوڙي تي پيڪن ڏانهن ويندڙ ڪنوار سس سميت فوت، رپورٽ موجب راڻي پور ٽول پلازا  لڳ ڳوٺ علي آباد وساڻ وٽ قومي شاهراهه تي تيزرفتار  ٽرالر موٽر سائيڪل مٿان چڙهي ويو، نتيجي ۾ٻه ڏينهن اڳ پرڻيل سهڻي گوندل ۽ سندس سس حميده گوندل موقعي تي چيپاٽجي فوت ٿي ويون جڏهن ته گهوٽ فرزند گوندل محفوظ رهيو. سس ننهن  جا لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد احمد پور منتقل ڪيا ويا، پوليس ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو..ٻڌايو وڃي ٿو ته  ڪنوار  سهڻي ستاوڙي تي پنهنجي پيڪن ڏانهن مڙس ۽ سس سميت احمد پور کان خان واهڻ وڃي رهي هئي  ته سس سميت اجل جو شڪار ٿي وئي.ياد رهي ته ڪنوار سهڻي جي ٻه ڏينهن اڳ فرزند گوندل سان شادي ٿي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.