عمر فاروق سان وزيراعظم آفيس جي هدايت تي ملاقات ٿي هئي: فيصل واوڊا

ڪراچي ( رپورٽر ) فيصل واوڊا جو دبئي جي ڪاروباري شخصيت عمر فاروق سان گڏ تصوير تي ردعمل سامهون اچي ويو آهي.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فيصل واوڊا عمر فاروق سان ملاقات بابت ڳالهائيندي لکيو ته عمر فاروق سان وزيراعظم آفيس جي هدايت تي منهنجي وزارت واري آفيس ۾ ملاقات ٿي هئي، جنهن ۾ مون کان سواءِ ٻيا چار وزير ۽ سمورين وزارتن جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. فيصل واوڊا چيو ته عمر فاروق ۽ ٻين سان ٿيل اها ملاقات دبئي ڊيلي گيشن تحت ٿي هئي، هن تصوير کي جيڪو رنگ ڏيڻ چاهين ڏين ڪو ڊپ ناهي. دبئي جي ڪاروباري شخصيت عمر فاروق تحفن سان گڏ سامهون آيو ، سندس چوڻ هو ته عمران خان سعودي ولي عهد کان ملندڙ قيمتي گهڙي دبئي ۾ فرح گوگي ذريعي کپائي، 5 کان 6 ملين ڊالرن جي گهڙي ٻه ملين ڊالرن ۾ کپائي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.