تيزگام سانحو، 3 سالن بعد لاپتا ٿيل مسافرن جي وارثن کي چيڪ ڏنا ويا

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) 31 آڪٽوبر 2018 ۾ ٿيل تيزگام سانحي ۾ لاپتا ٿي ويل 8 مسافرن جي وارثن کي ٽن سالن بعد ريلوي انشورنس جي معاوضي جا پندرنهن پندرنهن لکن روپين جا چيڪ ڏنا ويا ريلوي جي اختيارين پاران گهربل دستاويز ملڻ بعد لاپتا ٿي ويل مسافرن عادل، ياسر علي، سيف الرحمان، جان محمد, اورنگزيب عرف خرم، محمد اقبال، اعجاز ميمڻ ۽ محمد جاويد جي وارثن محمد حنيف، زهره، معراج فاطمه، الهنو، صابره کي پندرنهن پندرنهن لک جڏھن ته مقصود احمد، محمود ۽ قاسم کي 3 لک 75 هزار ۽ آصف محمد زاهد, محمد عابد, محمد حسن ۽ محمد شاهد کي 2 لک 72 هزار 727، جڏھن ته مصباح بيبي ۽ مريم کي هڪ لک 87 هزار 5 سئو ۽ اسما بيبي کي هڪ لک 36 هزار 365 جا ڌار ڌار چيڪ ڏنا .واضع رهي ته لاپتا مسافرن کي عدالت پاران گهربل ڪارروائي مڪمل ڪري وارثن کي چيڪ  ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيل هيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.