پيغام پاڪستان تحت عدم برداشت جي روڪٿام بهترين قدم آهي;مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته موجوده دور ۾ عدم برداشت جو رويو سماج ۾ بگاڙ جو سبب بڻيو آهي جنهن کي لساني ۽ مذهبي متڀيد کان مٿانهون ٿي قومي ٻڌيءَ ذريعي هٿي وٺرائڻ ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران ڪوٺايل”پيغام پاڪستان“ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وڏي وزير جو استقبال سنڌ هائير ايجوڪيشن جي چيئرمين طارق رفيع ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته هن ڪيترائي ڀيرا ڪراچي يونيورسٽي جو دورو ڪيو آهي، ڪراچي ۾ ڄائو ۽ تعليم به ان ئي شهر ۾ حاصل ڪئي. هن چيو ته عدم برداشت جو لاڙو نئين نسل وڌو جن پنهنجي بزرگن جي تعليم کي وساري ڇڏيو آهي.هن نبي ڪريمﷺ جي هڪ قول جو حوالو ڏيندي چيو ته پياري نبيﷺ اسان کي دين ۾ سڀ ڪجهه سيکاريو آهي پر اسان بلڪل خلاف پيا هلون. هن چيو ته ڪراچي يونيورسٽي پاران پيغام پاڪستان تحت عدم برداشت جي روڪٿام هڪ بهترين قدم آهي. هن چيو ته محفوظ ماحول ۽ بهتر مستقبل لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ سماج ۾ وڌندڙ عدم برداشت جي رجحان کي ختم ڪرڻو پوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.