ڪراچي ۾ شهريءَ جون4 نياڻيون اغوا، 6 نومبر تي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾شهريءَ پنهنجي اغوا ٿيل  4 نياڻين کي بازياب ڪرائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.عدالت 26 نومبر تي درخواست جي ٻڌڻي مقرر ڪئي.درخواست گّذار  موجب بااثر ماڻهن هن جي چئن نياڻين کي اغوا ڪيو آهي، پوليس سندن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪري رهي آهي .اغوا ڪرڻ وارن جا نالا به پوليس کي ڏنا آهن.پوليس چئي ٿي ته نارين شادي ڪري ڇڏي آهي. جيڪڏهن هنن شادي ڪئي آهي ته نڪاج ناما عدالت ۾ پيش ڪيا وڃن. درخواست ۾ سنڌ ۽ پنجاب پوليس کي ڌر بڻايو ويو

نارٿ ڪراچي ۾ گهر مان عورت جو لاش هٿ

ڪراچي( رپورٽر )  سر سيد ٽائون واري علائقي ۾ اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات جو دير سان پيش آيل واقعن کان پوءِ وارثن جو چوڻ آهي ته فوتي عورت حميرا زال نديم جنهن جي عمر 35 سالن جي عمر لڳ ڀڳ آهي، جهيڙي کانپوءِ جراثيم جي دوا پئي زندگي جو انت آڻي  ڇڏيو .  سندس مڙس نديم سان گڏ هو ۽ جڏهن سندس گهر وارن جا بيان تبديل ٿيا ته اسپتال انتظاميا پوليس کي اطلاع ڏنو. پوليس موجب عورت جي مڙس جو چوڻ آهي ته هو ۽ سندس زال جو تعلق پنجاب سان آهي، هو ڪجهه عرصو اڳ ڪراچي لڏي آيا هئا، رات دير سان سندن وچ ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن کانپوءِ حميرا گهر کان ٻاهر هلي وئي، راڪي اينٽي سيپٽيڪ دوا پيئڻ سان سندس حالت خراب ٿي وئي. ۽ هوءَ اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي فوت ٿي وئي.پوليس جو چوڻ آهي ته حميرا جا والدين ڪراچي پهچڻ بعد سندن مشاورت سان پوسٽ مارٽم ڪرايو ويندو. موت جو اصل ڪارڻ پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ئي معلوم ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.