انٽربئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه وڌي ويو

ڪراچي (رپورٽر) انٽربئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه وڌي ويو آهي. مٽاسٽا جي ٻنهي مارڪيٽن ۾ روپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي اگهه ۾ واڌ سان انٽربئنڪ اگهه 222 رپيا ۽ اوپن مارڪيٽ اگهه 229 رپيا ٿي ويو.انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي سموري دورانيئي ۾ ڊالر جي محدود پيش قدمي جاري آهي جنهن سان هڪ موقعي تي ڊالر جو اگهه 69 پئسن جي واڌ سان 222.60 رپين جي سطح تي به رڪارڊ ڪيو ويو.ڪاروباري دورانيئي جي پڄاڻي تي ڊالر انٽربئنڪ اگهه 50 پئسن جي واڌ سان 222.41 رپين جي سطح تي بند ٿيو،انهي طرح اوپن ڪرنسي مارڪيٽ ۾ به 9 ڏينهن کانپوءِ ڊالر جو اوپن اگهه 1.25 رپئي جي واڌ سان 229 رپئي جي سطح تي بند ٿيو.تجزيڪارن جو چوڻ آهي ته ڪريڊٽ ڊفالٽ سواپ رسڪ روزاني جي بنياد تي وڌڻ ۽ پاڪستان جي عالمي سڪوڪ ۽ يورو بانڊز جي ايلڊ به وڌڻ سان پاڪستان روپئي تي دٻاءُ وڌندو پيو وڃي ڇاڪاڻ ته ان عملن سان عالمي سطح تي ان ڳالهه جو اشارو پيو ته ادائيگين جو مسئلو پيدا ٿي سگھي ٿو.

وفاقي حڪومت ۽ ڊي جي نادرا کي نوٽيس جاري

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس سعيد يوسف تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ريلوي رٽائرڊ ملازم کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري نه ڪرڻ تي وفاقي حڪومت ۽ ڊي جي نادرا کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. درخواست گذار شهري محمد قاسم چيو ته هو 25 سال ريلوي جو ملازم رهيو ۽ رٽائرد ٿيڻ کان ٻه سال اڳ هن جو سڃائب ڪارڊ جو مدو پورو ٿي ويو، نادرا ۾ ڪتيرا دفعا چڪر لڳايا پر مون کي سڃاڻپ ڪارڊ  ٺاهي نه پيو  ڏنو وڃي، جنهن ڪري مون کي پٽيشن نه ملي رهي آهي .گهر ۾ فاقه ڪشي ٿي رهي آهي.

ڪراچي ۾ نوجوان تيز ڌار اوزار سان پنهنجو ڳلو ​​ڪٽي ڇڏيو، اسپتال منتقل

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي ايئرپورٽ اسٽار گيٽ ويجهو نوجوان تيز ڌار اوزار سان پنهنجو ڳلو ​​ڪٽي ڇڏيو، جنهن کي سخت زخمي حالت ۾ اسپتال نيو ويو، پوليس موجب 16 ورهين جي محمد سلمان اختر پهريان پاڻ کي مارڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ خودڪشي ڪئي. تيز اوزار، هن ڳلو ​​ڪٽيو، جنهن ڪري هو روڊ تي ڪري پيو. خودڪشي جي ڪوشش جو ڪارڻ فوري طور معلوم نه ٿي سگهيو آهي. سندس قبضي مان مليل سڃاڻپ ڪارڊ تي ائڊريس اتر وزيرستان جي تعلقي ميران شاهه جو آهي. پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.