باجوڙ ۾ فائرنگ، ٻه جوان شهيد، هڪ دهشتگرد مارجي ويو

باجوڙ ( م ڊ ) باجوڙ جي علائقي هلال خيل ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ جي نتيجي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويا.پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو جنهن وٽان هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي،  مارجي ويل دهشتگرد فورسز خلاف دهشتگردي ڪارروائين ۾ ملوث هيو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا به ٻه جوان شهيد ٿي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ نائيڪ تاج محمد ۽ لانس نائيڪ امتياز خان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب 33 ورهين جي نائيڪ تاج محمد جو واسطو ڪوهاٽ سان جڏهن ته 30 سالا نائيڪ امتياز خان مالاڪنڊ جو رهواسي هو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.