جيڪب آباد ويجهو ملڪيت تان ڀائرن ۾جھيڙي جيجل ماءُ جي حياتي کسي ڇڏي

جيڪب آباد(رپورٽ:سڪندر علي سرڪي)جيڪب آباد ويجهو ملڪيت جي تڪرار تان ٻن سڳن ڀائرن ۾ جھيڙي جيجل ماءُ جي حياتي کسي ڇڏي.رپورٽ موجب جيڪب  آباد جي آباد ٿاڻي جي ڳوٺ شاھل جکراڻي ۾ زمين جي تڪرار تان ٻن ڀائرن محمد علي ۽ لياقت جکراڻي ۾ جھيڙو ٿي پيو، ٻنھي ڀائرن ھڪ ٻئي مٿان ھٿيار تاڻي فائرنگ ڪئي، جھيڙي کي ٽارڻ آيل سندن ماءُ سڪينا گولي لڳڻ سبب موقعي تي مارجي وئي. پوليس سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو.پوليس موجب لياقت ۽ محمد علي ۾ ملڪيت جي تڪرار منھن ماري بعد جھيڙو ٿي پيو، ٻنھي ڄڻن پسٺل ۽ بندوق جا فائر ڪيا، جھيڙي کي ٽارڻ لاءِ سندس پيرسن امڙ وچ  ۾ آئي، جنھن کي گولي لڳڻ سبب سندس موت واقع ٿيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.