ڀنڀور جي 640 مان 333 ايڪڙ زمين تي قبضو، روينيو 307 ايڪڙ رڪارڊ ۾ ڏيکاري ڇڏي

ڌاٻيجي  (رپورٽ: مقصود جوکيو)  سنڌ جي تاريخي ماڳ ڀنڀور  جي سوين ايڪڙ زمين لينڊ مافيا سان گڏ سمنڊ ڳڙڪائي ويو، ڀنڀور جي زمين تي ٻنيون، پولٽري فارم، فش فارم ۽ لوڻ جا ڪارخانا قائم ڪرڻ لاءِ زمين غير قانوني طريقي سان وڪرو ڪئي وئي.روينيو جي رڪارڊ ۾ هاڻي  640 ايڪڙن تي ٻڌل ڀنڀور جي ايراضي 307 ايڪڙ ڏيکاري وئي آهي.پرڏيهه کان ڀنڀور جي کوٽائي لاءِ پهتل آثار قديمه جي ٽيم حيرت ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪندي  ڀنڀور جي زمين تي والار کي تاريخي ماڳ جي لتاڙ قرار ڏئي ڇڏيو آهي.پرڏيهي توڙي ڏيهي ماهرن موجب ھن وقت صرف ڀنڀور جو قلعو ۽ ميوزيم بچيو آھي، جيڪو  لڳ ڀڳ 45 ايڪڙن تي ٻڌل آهي، جيڪو، پڻ هن وقت غير محفوظ بڻيل آهي. ٻئي پاسي لينڊ مافيا ۽ گھارو ڪريڪ تاريخي ماڳ ڀنڀور جي زمين ڳڙڪائي رهيو آهي پر تنھن باوجود به روينيو انتظاميا جي ڪن لاٽار سبب بچيل زمينن تي ھر روز مقامي  روينيو جي ملي ڀگت سان قبضا ٿيندا پيا وڃن.هنن موجب قبضن سبب تاريخي نشانيون مسمار ٿيڻ لڳيون آھن ۽ تاريخي ورثو مڪمل طور خطري هيٺ آھي.

ڀنڀور جي آثارن جي سنڀال به ديواني جي خواب وانگر

ڌاٻيجي:ڀنڀور جي آثارن جي سنڀال به ديواني جي خواب وانگر آھي،گهارو ڪريڪ کان کارو پاڻي سم جي صورت ۾ هر روز آثار قديما کي نست ڪري رهيو آھي.گذريل حڪومتن سڄي ڀنڀور کي چوديواري ڏيارڻ جو اعلان ڪيو پر اهو اعلان اعلان  ئي رهجي ويو، ان تي اڄ تائين ڪو به عمل نه ٿي سگهيو.

پنجاب، ڪي پي ۽ ڪراچي مان چونڊيل نمائندن جا قبضا

ڌاٻيجي: ڀنڀور هن وقت آثار قديما جي صورت ۾ بي يار و مددگار پنهجون آخري نشانيون وڃائي رهيو آھي.عوامي آواز کي مليل ڄاڻ موجب تاريخي ماڳ جي زمين تي غير سرڪاري ادارن طرفان قبضا ڪيا ويا آھن. برٽش دور ۾ ڀنڀور جي زمين جي ايراضي 640 ايڪڙ ھئي، جنهن تي لينڊ مافيا روينيو عملدارن هٿان ڪوڙا ڪاغذ ٺھرائي قبضا ڪرائي ورتا. حيرت جي ڳالهھ آهي ته ھن تاريخي  ماڳ جي بچيل ايراضي جنهن جا ثبوت ميوزيم اندر موجود آھن، ان تي فقط پنجاب، ڪي پي ۽ ڪراچي مان  چونڊيل نمائندن جي جعلي ڪاغذن معرفت قبضا ڪيا ويا آھن. سنڌ اهڙي معلومات بعد حيرت جو اظهار ڪري ٿي ته ڪهڙي طرح ايتري اهم تاريخي ماڳن تي ڪوڙا ڪاغذ به ٺھن ٿا ۽ قبضا به ٿين ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.