دي انٽيليڪچوئل فورم جو مسعود نوراني ٻيهر چيئرمين چونڊجي ويو

ڪراچي(رپورٽر) دي انٽيليڪچوئل فورم جي جنرل باڊي جو اجلاس مقامي هوٽل۾  ٿيو، جنهن ۾ اتفاق راءِ سان مسعود نوراني کي هڪ ڀيرو ٻيهر چيئرمين چونڊيو ويو، ان کانسواءِ اي بي لاشاري ۽ عبدالوهاب بلوچ سينيئر وائيس چيئرمين، ڊاڪٽر معيذيب وائيس چيئرمين، غلام اڪبر ملڪ جنرل سيڪريٽري، جوائنٽ سيڪريٽري شعيب بڪڪ ۽ پروين طارق ، انفارميشن سيڪريٽري آفتاب احمد چنا ۽ فنانس سيڪريٽري عبدالڪريم ڍڪڻ کي چونڊيو ويو. جڏهن ته سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۾ رحمان ملڪ سميت 14 ميمبر چونڊيا ويا.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ ۾ سنڌي ججن جي مقرري لاءِ آواز اٿارڻ خاطر سيمينار 22 نومبر تي ڪوٺايو ويندو، جڏهن ته سنڌ سميت پوري ملڪ جي مسئلن جي حل بابت آل پارٽيز ڪانفرنس پڻ ڪوٺائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.