ڪويت ۾ هڪ پاڪستاني سميت 7 ڄڻن کي قتل جي ڏوهه ۾ ڦاهي

ڪويت سٽي (م ڊ)ڪويت قتل جي ڏوهه ۾ هڪ پاڪستاني سميت 7 ڄڻن کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي. پبلڪ پراسيڪيوشن طرفان جاري هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته جن کي ڦاهي ڏني وئي آهي، جن ۾ هڪ ڪويتي ۽ هڪ ايٿوپيا جي عورت به شامل آهي، جڏهن ته ٽن ڪويتي مردن ۽ هڪ پاڪستاني مرد کي به موت جي سزا تي عمل ڪرايو ويو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب ڪويت ۾ آخري ڀيرو ڦاهي 25 جنوري 2017 ۾ ڏني وئي هئي، ان وقت شاهي خاندان جي هڪ فرد سميت 7 ڄڻن جي هڪ گروهه کي ڦاسي ڏني وئي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.