لانڍي ڌماڪي ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي70-70سال قيد جي سزا

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت لانڍي پان شاپ بم ڌماڪي ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن انعام الله عرف مولا۽ شفيق عرف شبير کي مجموعي طور تي 70-70سال جي قيد ۽ 2-2 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌئي ڇڏي.عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ريموٽ ڪنٽرول هلائڻ وارو جوابدار فريد الله گرفتار نه ٿي سگهيو آهي، ان ڪري جوابدارن کي موت جي سزا نه ٿي ڏئي سگهجي.سرڪاري وڪيل چيو ته جوابدارن مارچ 2013ع ۾ لانڍي ۾ هڪ پان شاپ تي ڌماڪو ڪيو هو، ان ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪي ۾ شمشير خان ۽ سندس 12سال جو پٽ مارجي ويا ۽ 8 شهري زخمي ٿي هئا.عدالت روپوش جوابدارن فريد الله ۽ زاهد جو ڪيس دفتر داخل ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.