مختيارڪاراعجاز چانڊيو ڪيس دهشتگردي جي الزامن سميت داخل

ڪراچي (رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو)ڪراچي جي سرجاڻي ٽائون ٿاڻي تي قتل ٿيل مختيارڪار اعجاز چانڊيو جو ڪيس دهشتگردي جي الزامن سميت داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ 7 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 40 ڄڻن کي به شامل ڪيو ويو آهي، جن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. مختيار ڪار ڳوٺ آباد اينٽي انڪروچمينٽ ٽيم ۽ مختيار ڪار اعجاز چانڊيو تي حملي ۾ ملوث 7 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. امان پٽ عرب، نبي بخش پٽ عرب، بخت شير پٽ امان، بلاول پٽ امان، شير علي پٽ امان، نديم پٽ نبي بخش جوابدارن ۾ امتياز پٽ نبي بخش سميت ٻيا 40 جوابدار شامل آهن. اينٽي انڪروچمينٽ ٽيم تي حملي ۾ مختيارڪار منگھوپير اعجاز چانڊيو مارجي ويو هو، تپيدار قاضي فاروق ۽ ايڪسيويٽر ڊرائيور عالم شاهه زخمي ٿي پيا. سرجاني ٽائون ٿاڻي ۾ سيڪشن 148/149/427/353/324/302/34 7ATA تحت ڪيس نمبر 1699/22 داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.