ملير مان اغوا ٿيل 12 مهينن جي ٻار کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ملير واسڻ اقراءُ جي 12 مهينن جي ٻارکي اڳوڻو مڙس پوليس اهلڪار  اغوا ڪري سوات هليو ويو، عدالتي حڪم تي ڊي ايس پي عارب مهر ذاتي حيثيت سان پيش ٿيو. ڊي ايس پي عارب مهر چيو ته ٻار کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.ڊي ايس پي عدالت کان 10ڏينهن جي مهلت طلب ڪري ورتي.عدلت چيو ته جيڪڏهن ٻار بازياب نه ٿيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي آءِ جي سنڌ کي طلب ڪيو ويندو. درخواست گذار جي وڪيل چيو ته 12مهينن جي ٻار جو ڏاڏو ٽرئفڪ ۾ سب انسپيڪٽر آهي، جيڪو پنهنجي طاقت جو غلط استعمال ڪري رهيو آهي، ٻنهي پيءُ پٽ خلاف ڪيس داخل آهي، پيءٌ عدالت ۾ پيش ٿيو پر پٽ  سوات ۾روپوش آهي، عدالت 6 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ٻارکي هر حالت ۾ بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.