ڪنڌڪوٽ ويجهو ارڙي وگهي 3 ٻارڙا موت جو کاڄ ٿي ويا

ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ : ممتاز سنڌي )ڪنڌڪوٽ ۽ ڀرپاسي ارڙي ديرو ڄمائي ڇڏيو، درجنين ٻار ارڙيءَ ۾ وٺجي ويا. رهواسين غريب ماڻهن دوائون  جي ڳري خرچ جو سَتُ نه ساريو، ٽي ٻار موٿ جو کاڄ بڻجي ويا، رسلدار شھر ۾ ارڙي سبب ٽي ٻار 3 ورهين جو آفتاب، 12 مهينن جو محمد علي ۽ 2 ورهين جي ناديا فوت ٿي ويئي. ٻارڙن جي فوتگيءَ جو ٻڌي علائقي ۾ سوڳ واري صورتِ حال ٿي ويئي، دانهن باوجود صحت کاتي اک نه پٽي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.