ڪنڌرا لڳ چور مينهون ڪاهي ويا، پيرا لڳڻ تي همراهه گرفتار

سکر ( رپورٽر ) ڪنڌرا ٿاڻي جي حد گوٺ ٻانھو جھانجھو مان چور راشد جھانجھو جي گھر جا تالا ڀنڃي ڀلوڙ مينھن ڪاھي فرار ٿي ويا ڳوٺاڻن  کوجي ڪتن ذريعي پوليس جي مدد سان پيرا کنيا جيڪي ڳوٺ ابيلو ۾ ڦلپوٽا برادري جي گھرن ۾ لڳا جتان پوليس گھر ڌڻي اعجاز ڦلپوٽو کي گرفتار ڪري جاچ لاءِ ٿاڻي تي کڻي آئي، ھوڏانھن راشد جھانجھو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته منھنجي ڪنھن سان ذاتي دشمني ناھي، غريب مالوند ماڻھون آھيان وس وارن کي اپيل ٿو ڪريان ته خدارا مون کي منھنجي چوري ٿيل مينھن واپس ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.