جوهي ۾ پاڻي چورن خلاف آبادگارن جو ڌرڻو، نعريبازي

جوهي (ن ع آ ) جوهي ۾ زرعي پاڻي بند ڪندڙ آبپاشي انجنيئر بلرام ۽ منڍ جي با اثر پاڻي چورن خلاف جوهي پڇڙي جي آبادگارن  عبدالطيف جمالي ، امام علي رستماڻي ، جهنڊوخان لغاري ، ثناء الله، جمالي  ۽ ٻين آبادگارن جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي نيشنل پريس ڪلب جوهي اڳيان ڌرڻو هنيو هنن الزام هنيو آھي  ته جوهي تعلقو سدائين ٻڏي يا سڪي هنن چيو ته 3 مهينا اڳ خان پور جي ڪاري موري وٽان ايري گيشن جي انجنيئر بلرام هندو ٻيلو پتڻ ڳوٺ وٽان سوين فٽن جا ٻه الڳ الڳ ڪٽ ڏيارائي ٻوڏ جي پاڻي جو رخ سڌو جوهي شھر آبادي ڏانهن موڪلي لکين ماڻھن جون زندگين موت جي منهن ۾ اڇلائڻ ۽ تباهي ڪرڻ بعد هاڻي جوهي 3 لک زراعت جي آبادي لاء ڪاري موري جو بهانو ڪري زرعي پاڻي روڪي ڇڏيو آھي، آخر ۾ ھنن سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ، وڏي وزير ،  آبپاشي جي صوبائي وزير ۽ ٻين لاڳايل ادارن جي اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته فصلن جي مد کان اڳ  24 ڪلاڪن اندر جوهي بئراج ۾ زرعي پاڻي جي فراهمي ڪري پڇڙي جي شاخن تائين پهچايو وڃي جئين وقت سر پوکائي ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ ھزارين هاري آبادگارن جو جوهي کان پيادل احتجاجي لانگ مارچ ڪري دادو آبپاشي انجنيئر آفيس اڳيان ڌرڻو هڻي مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪئي ويندي .

  • سنڌ يونيورسٽي جي  شاگردن سان شام ، راڳ جي محفل،قومي گيتن تي رقص

ڄامشورو( ڊ ر ) سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل چيپٽر سنڌ يونيورسٽي جي طرفان يونيورسٽي جي آخري سال جي شاگردن جي  مانَ ۾ ”سنڌي شام“ جي سري هيٺ الوداعي تقريب جو عظيم شان جلسو منعقد ڪيو ويو، تقريب ۾ مهراڻ، لمس ۽ ٽنڊو ڄام يونيورسٽي جي هزارين شاگردن شرڪت ڪئي،تقريب کي قومپرست اڳواڻ عبدالخالق جوڻيجو ۽ سارنگ جويو  تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ يونيورسٽي هميشه کان  شاگردَن کي عام رواجي تعليم سان گَڏ قومي شَعُور، وطن ۽ انسانيت سان محبت جو دَرس ڏنو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اَڄ سِنڌ دشمنن جي  75 سالہ ڪوششن باوجود سِنڌ ۾ قومي شَعور، وطن سان محبت ۽ رواداري زنده آهي. هن ڀيري به هيءُ ادارو قومي شَعُور ۽ سنڌ جي خدمت جي جَذبي سان سرشار شاگرد سماج ۾ موڪلي رھي آھي جن جو ڪردار سماج کي اتساهه ڏئي رهيو آهي. هي ماردعلمي تعليم سان گڏ شعور به ڏئي رهي آهي سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن جا شاگرد هتي پهچن ٿا،سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل چيپٽر سنڌ يونيورسٽي جي اڳواڻن يونيورسٽي جي صدر انتظار حسين، جبار بوزدار، لطيف ٻگھيو،  مرڪزي چيئرمين اعجاز جتوئي، ۽ مرڪزي سيڪريٽري جنرل حفيظ چانڊيو  تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مادر علمي سنڌ سنڌ يونيورسٽي سنڌ جي مجموعي شعور جو اولڙو آھي جتي سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ھزارين شاگرد تعليم حاصل ڪرڻ ايندا آھن. اھو ئي سبب آھي جو اعلیٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاء ايندڙ شاگرد ھتي دنيا جي مختلف نظرين کان واقف ٿيندا آھن ۽ فڪري توڙي فني پختگي سان سرشار ٿي سنڌي سماج ۾ منفرد ۽ نمايا ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪافي وقت کان سنڌ دشمن قوتن شاگردن جي غيرنصابي سرگرمين تي پابندي عائد ڪري اڻ سڌي ريت سنڌي نوجوانن ۾ فڪري جمود آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ،تقريب ۾ نوجوان قومي راڳي دلدار اوٺو قومي گيت ڳائي هزارين شاگردن کي جهومائي ڇڏيو، رات دير تائين جاري تقريب ۾ نوجوان شاگرد قومي گيتن تي نعريبازي ڪندي جهومندا رهيا.

  •   کهڙا ۾ صحافي تي حملو، لوهي شيخون هڻي زخمي، احتجاج

کهڙا (ن ع آ) کهڙا جي سينيئر صحافي اقبال ابڙو کي سندس ئي برادري جي ماڻھن امجد ابڙو معمولي ڳالهه تان لوهي شيخون هڻي  سخت زخمي ڪري ڇڏيو، صحافي اقبال ابڙو کي علاج لاءِ گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو، واقعي خلاف کهڙا ۽ گمبٽ  جي  صحافين جو هڪ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ صحافي حفيظ منگي،  الهداد اڄڻ،  لياقت علي چنا. مولابخش اڄڻ، صفدر علي سهتو ، ڪشور ڪمار،محمد رمضان کهڙو، ناظم ڄامڙو، فياض رتڙ، محمد اشرف آرائين، ميان ياسين، انور منگي، عرفان ميمڻ، امداد ٽانوري، آصف منگي، ميران بخش ناريجي سميت وڏي انگ ۾ صحافين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي واقعي جي سخت مذمت ڪندي کهڙا پوليس کان گهر ڪئي وئي ته 3 ڏينهن ۾ جوابدار خلاف ڪاروائي نه ڪئي وئي ته ٿاڻي اڳيان احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو.

  • ايڊ مسٽريٽر ميونسپل ڪاميٽي پيرجوڳوٺ  پاران گوسڙو ملازمن خلاف ڪارروائي  جو چتاءُ

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) ميونسپل ڪاميٽي پيرجوڳوٺ جي نئين مقرر ٿيل ايڊمنسٽريٽر  عمرا ن علي سيال پارا ٻئي ڏينهن به دورو  شهر جو  ڪري  شهر جي مختلف محلن۽جو دورو ڪري واپارين شهرين سان ملاقاتون ڪري سندن جي محلن جي صفائيء بابت معلومات ورتي شهرين پاران شهر ۾ صفائيء جي ناقص ڪارڪردگي بابت آگاهي ڏني ايڊمنسٽريٽر عمران علي سيال پاران ملازمن سندن انچارجن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کين چارجون واپس وٺي ڇڏيون ڇڏيون آهن سندن جاء تي شهرين جي اسرار تي نيون مقرريون ڪري ملازمن کي  سخت هدايتون ڏيندي چيو ته ڪنهن به ملازم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

  •  ڊي سي نواب شاهه پاران کلي ڪچهري، شڪايتن جا انبار

سڪرنڊ (ن ع آ) سڪرنڊ جي اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس ۾ ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد شهريار گل ميمڻ پاران کلي ڪچهري منعقد ڪئي وئي.  شهرين پاران شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا. کلي ڪچهري ۾ پوليس ، روينيو ، بلديات ، واپڊا  ، ايريگيشن ، صحت ، ايجوڪيشن بابت شهرين پنهنجون شڪايتون ٻڌايون. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد شهريار گل ميمڻ چيو ته شهرين جي شڪايتن جو ازالو ڪيو ويندو. برسات جي پاڻي نيڪال لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن . جن ماڻهن جو نقصان ٿيو آهي انهن کي رليف ڏنو ويندو. مسئلا ڳالهين جي ذريعي حل ڪيا وڃن. احتجاج ۽ روڊ بلاڪ ڪرڻ سان ٻين شهرين کي تڪليف اچي ٿي. جن ڊپارٽمينٽ جي خلاف شڪايتون ڪيون ويون آهن انهن تي فوري طور ايڪشن کنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.